چاڪر بنگلو

چاڪر بنگلو

چاڪر بنگلو

چاڪر بنگلو: آبپاشي کاتي جو هي ريسٽ هائوس، 1913ع ڌاري ڳوٺ ٺري نظاماڻي، ديهه ڪاٺوڙ، ضلعي بدين ۾ تعمير ٿيو. هن ريسٽ هائوس تي اهو نالو مقامي زميندار چاڪر خان لنڊ جي نالي تان پيو. هيءُ بنگلو ماتلي شهر کان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ٽنڊي غلام علي روڊ تي آهي. هن بنگلي جي اڏاوت پڪين سرن ۽ پلستر سان ٿيل ٿي ڏسجي. آبپاشي کاتي جي بي ڌيانيءَ سبب هيءَ عمارت زبون حالي جو شڪار آهي ۽ صرف ڪي آثار باقي بچيا آهن، جڏهن ته استعمال ۾ نه هئڻ ڪري عمارت اندر پاڻمرادو وڻ ۽ ٻوٽا ڦٽيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو